سخت ڪرفيو ٽوڙي هزارين ڪشميري روڊن تي اچي ويا، شيلنگ سبب ڪيترائي زخمي

news

سرينگر: ڇنڇر 10 آگسٽ 2019: والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ بعد شهرين جي وڏي تعداد سرينگر ۾ زبردست مظاهرو ڪيو. مظاهرين ”ڀارت واپس وڃو“ جا نعرا هنيا.

غير ملڪي خبرون ڏيندڙ اداري موجب والاريل وادي جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ بعد ڪشميري شهرين جي وڏي تعداد ڪرفيو ٽوڙيندي زبردست مظاهرو ڪيو.

مظاهري ۾ عورتن ۽ ٻارن جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي. ان دوران ڀارتي قابض فوج پيلٽ گن جو بي دردي سان استعمال ڪيو، جنهن سبب ٻارن، عورتن سميت شهرين جي وڏي تعداد زخمي ٿي پئي. 52 جي ويجهو ماڻهن کي سرينگر جي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. ڪجهه زخمين جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته انهن جي حالت نازڪ آهي.

سرينگر ۾ مظاهري دوران جڏهن پوليس جي وڏي تعداد مظاهرين کي پڪرڻ جي لاءِ پويان پئي ته ڪجهه نوجوانن جان بچائڻ لاءِ درياهه ۾ ٽپو ڏنو، جنهن سبب هڪ نوجوان پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي ويو.