ڏوڪري ۾ مختلف ڌرين پاران جشن آزادي جي سلسلي ۾ ريليون

news

ڏوڪري: ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع:جش آزادي جي سلسلي ۾ ڏوڪري ۾ پروگرام رليون منعقد ڪيو ويو. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ پروگرام ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر الطاف حسين ابڙو جي اڳواڻي ۾ جشن آزادي جي ريلي ڪڍي قومي ترانو پيش ڪرڻ بعد ريلي پروگرم منعقد ڪيو ويو جنهن جي صدارت پرنسپال الطاف حسين ابڙو گلاب سومرو پروفيسر سراج سوهو چندر لعل ضمير سوهو پروفيسر نالي مٺو پروفيسر فياض گاڏهي پروفيسر ماجد علي پروفيسر شڪيل ٻٽ پروفيسر شاھ محمد شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پروگرام ۾ ڪوئيز ڪامپيٽيشن تقريري مقابلا ڪرايا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي پرنسپال الطاف حسين ابڙو چيو ته اسان پنهجي ملڪ جي آزادي جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ڇو ته اسان هي ملڪ قربانين عيوض حاصل ڪيو آهي هنن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ رهندو اسان پاڪ فوج سان گڏ آهيون ۽ هر قرباني لاءِ تيار آهيون.

هوڏانهن اجالا پبلڪ اسڪول ڏوڪري پاران جش آزادي جي سلسلي ۾ هڪ شاندار پروگرام ڪيو ويو جنهن جي صدارت اسڪول جي پرنسپال الطاف حسين جوڻيجو ڪئ جڏهن ته پروگرام ۾ استادن سمير علي ڪاشف علي ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو.

ان موقعي تي شاگردياڻين شاگردن ثانيا جوڻيجو سوهانا جوڻيجو فقير محمد عبدالباسط ميمڻ نزهت علي ميمڻ ساجد علي ۽ ٻين ڪوئيز رسا ڪشي ڦوڪڻا ڦوڪڻ سميت قومي نغمن قومي گيت پيش ڪيا ۽ پوزيشن حاصل ڪئي ان موقعي تي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي انعام ڏنا ويا. ان کان اڳ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ قومي ترانو پيش ڪيو.

ٻئي پاسي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪري ۽ شاهين پبلڪ اسڪول ڏوڪري پاران جش آزادي جي سلسلي ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر قاضي برڪت ضمير ميراڻي اظهار ميراڻي محبوب پنهور اظهار خاصخيلي توقير سنديلو سيد ماجد  بلاول هليو مظهرسولنگي فرمان سمون شرڪت ڪئي ريلي شھر جي مختلف رستن تان گذري جنهن ۾ پاڪستان زندهه آباد پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هنيا ويا ان جي ٽي هنن ريلي کي خطاب ڪندي پاڪستان حڪومت ۽ پاڪ فوج سان ساٿ ڏيڻ کان علاوه هر قرباني ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ڏوڪري ۾ شاھ عنايت پبلڪ اسڪل ڏوڪري طرفان 14آگسٽ ملهائي وئي جنهن ۾ ڌوڪري جو پوليس  جو اڳوڻو ايس ايڇ او غلام قادر مسڻ، نشات جماعت لواري شريف ريجن لاڙڪاڻو تنظيم جو اڳواڻ عبدالوحيدجوڻيجو آپريٽر عمير علي جوڻيجو ۽ اسڪول  انتظاميا ڀرپور شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ مختلف ٽيبلو ،تقريرون ۽ ڊانسون ڪيو ويون ۽ سڄي شهر جو گشت ڪري ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سر اسد عالماڻي، سر جميل احمد سولنگي، سر زبير جوڻيجو، منير ڪنڀر خليق الزامن ميمڻ ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.01