نئون ديرو جي کنڀيل نوجوان کي لاڙڪاڻو پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، وارثن جو احتجاج

news

نئون ديرو:ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع:نئون ديرو پوليس طرفان غريب آباد مان کنڀيل نوجوان کي تعلقي ٿاڻي لاڙڪاڻي جي پوليس ٻه ڏينهن اڳ هاف فرائي ڪري ڇڏيو، وارثن جو پوليس گرديءَ خلاف احتجاج، انصاف لاءِ عدالت وڃڻ جو چتاءُ. نئون ديرو شهر جي غريب آباد پاڙي مان ٻه ڏينهن اڳ سول ڪپڙا پهريل نئون ديرو پوليس جي چئن پوليس اهلڪارن پاران ننڊ ستل نوجوان کي کنڀي گم ڪيو ويو هو جنهن کي تعلقي ٿاڻي جي پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪرڻ بعد مٿس 2 ڪلو چرس ۽ پوليس مقابلي جو ڪوڙو ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو آهي.

جڙتو مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان جي وارث عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پوليس گرديءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جتي دانهيندي نوجوان جي امڙ سومرا خاتون، محمد سليم خروس، نورالدين خروس، رياض احمد خروس ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينهن اڳ نئون ديرو ٿاڻي جي چئن پوليس اهلڪارن ڪبير گاد، مظهر شاهاڻي، ذوالفقار شاهه، يوسف ناريجو سادن ڪپڙن ۾ ڌاڙيلن جيان گهر ۾ گهڙي اسان جي ننڊ ستل نوجوان کي گرفتار ڪري کنڀي گم ڪري ڇڏيو هو جنهن کي تعلقي ٿاڻي جي پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪرڻ بعد مٿس 2 ڪلو چرس ۽ پوليس مقابلي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پوليس اسان جي بيگناهه نوجوان کي هاف فراءِ ڪري معذور بڻائي ڇڏيو آهي جنهن تي اسان خاموش ٿي نه ويهنداسين. پوليس محافظ هوندي آهي، جڏهن محافظ ئي ظالم بڻجي وڃن ته اسان غريبن سان انصاف ڪير ڪندو؟ هنن چيو ته اسان پوليس گرديءَ خلاف انصاف لاءِ عدالت جو در کڙڪائينداسين.

هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي فوري نوٽيس وٺي نوجوان مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.01