ڪنڌڪوٽ پوليس جي ڪارروائي، ٻه مغوي بازياب، وارثن ۾ خوشي جي لهر

news

ڪنڌڪوٽ: ڇنڇر 10 آگسٽ 2019ع:ڪنڌڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪري ستاويھ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس ترجمان موجب ڪنڌڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪري ستاويھ ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.

ستاويھ ڏينهن اڳ گهوڙاگهٽ جي علائقي مان اغوا ٿيل شهاب الدين ۽ معشوق ساوند کي خفيا ادارن ۽ ڪنڌڪوٽ پوليس جي گڏيل ڪوششن سان گڏ پوليس ٿاڻي دراني مهر جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. ٻئي طرف مغوين جي بازياب ٿيڻ تي سندس جي وارثن ۾ خوشي وارو ماحول آهي۔01