شهباز شريف فيملي جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ٻه جوابدار واعده معاف گواهه بڻجي ويا

news

لاهور: ڇنڇر 10 آگسٽ 2019: شهباز شريف فيملي جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 2 جوابدار واعده معاف گواهه بڻجي ويا. جوابدار آفتاب محمود ۽ شاهد رفيق مئجسٽريٽ جي سامهون ڏوهه جو اعتراف ڪندي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو.

آفتاب محمود چيو ته يوڪي جي ٻين ڪمپنين ۾ به شريف فيمليز کي وڏيون رقمون منتقل ڪيون. حمزه ۽ سلمان شهباز کي بار ڪلي ۽ ايچ ايس بي سي بئنڪ مان به رقم منتقل ڪئي. مان سلمان شهباز جي آفيس مان رقم کڻي ٻاهرين ملڪ منتقل ڪندو هئس.

ان موقعي تي جوابدار شاهد رفيق چيو ته ميسرز زار کي ايڪسچينج ۽ ٽرپل اي جي فرنچائيز مان رقم منتقل ڪئي ويندي هئي. آفتاب محمود منهنجو ڪزن، ان سان ملي ٽي ٽيز لڳائيندو هئس.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آفتاب سان گڏ ملي فيڪ ماڻهن جو نالو استعمال ڪري ٽرانزيڪشن ڪندو رهيو آهي.