خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب ٻارنهن ڄڻا فوت، ٻاويهه زخمي، پي ڊي ايم پاران رپورٽ جاري

news

پشاور:(آچر 11 آگسٽ 2019ع) خيبرپختونخواهه ۾ برساتن سبب 12 ڄڻا فوت، 22 زخمي ٿي ويا. پي ڊي ايم طرفان رپورٽ جاري ڪئي وئي. پراونشل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي خيبرپختونخواهه جي موجب صوبي ۾ برساتن ۽  ٻوڏ سبب تباهي ٿي آهي جنهن ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ 22 زخمي ٿي پيا آهن.

فوت ٿي ويلن ۾ 2 عورتون ۽ 3 ٻار شامل آهن. پي ڊي ايم اي موجب باجوڙ ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت، بونير ۽ لوئر دير ۾ 2 ٻار، مالاڪند ۽ شانگلا ۾ 2 ڄڻا، سوات ۾ ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب اورڪزئي ۽ تورغر ۾ به 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.