سعود عرب سميت نار وارن ملڪن ۾ اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي

news

مڪه مڪرمه: (آچر 11 آگسٽ 2019ع) سعودي عرب سميت نار وارن ملڪن ۾ اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي. مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد جي نماز جا وڏا  اجتماع ٿيا جن ۾ لکين ماڻهن پنهنجي مالڪ آڏو ڪنڌ جهڪائي سندس نعمتن جو شڪر ادا ڪيو.

دنيا مان آيل لکين مسلمان گذريل ڏينهن حج جي رڪن اعظم کان پوءِ اڄ عيدالاضحيٰ ملهائڻ ۾ مصروف آهن. مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد جي نماز جا وڏا اجتماع منعقد ٿيا جن ۾ مسلمانن جي خوشحالي ۽ ڪاميابي جي لاءِ دعائون گهريون ويون. ان موقعي تي علمائن عيد جي خطبي ۾ قرباني جي فضيلت تي روشني وڌي ۽ مسلمانن کي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هنن خدا جي حڪمن تحت هن فاني دنيا جي بجاءِ آخرت لاءِ زندگي گذارڻ جو درس ڏنو. حاجي سڳورا عيد نماز کان پوءِ منيٰ روانه ٿي ويا جتي  سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي قرباني ڪئي پئي وڃي. منيٰ، مڪه، جده، مدينه ۽ ٻين شهرن ۾ خاص مذبحه خانن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. حاجي سڳورا شيطان کي ڪنڪريون هڻندا، قرباني کان پوءِ مٿو ڪوڙائي احرام کولي ڇڏيندا ۽ طواف جي زيارت ڪندا.