والاريل وادي ۾ ظلمن خلاف سموري دنيا جا مظاهرين ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ روڊن تي نڪري آيا

news

نيويارڪ: (آچر 11 آگسٽ 2019ع) والاريل وادي ۾ ظلمن جي خلاف سموري دنيا ۾ مظاهرن ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي لاءِ روڊن تي نڪري آيا. آمريڪا، برطانيه، نيدرلينڊ سميت مختلف ملڪن ۾ احتجاج ڪندڙ ڀارتي ظلم ۽ بربريت کي فوري طور  پر ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

مودي سرڪار ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ چاهيو ته  سموري دنيا مان ڪشمير جي حمايت  ۾ آواز اٿڻ شروع ٿي ويا. واشڻگٽن ۾ ڪشميري، پاڪستاني ۽ سکهه ڪميونٽي  سان گڏوگڏ مختلف انساني حقن جي تنظيمن طرفان به وڏا مظاهرا ڪيا ويا.

مظاهرين جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ هندوستاني حڪومت جي ڪشمير ۾ ڏاڍ خلاف گڏ آهن. انڊين جارحيت جي خلاف نيويارڪ جي مرڪزي علائقي بيٽن ۾ ٽائم اسڪوائر جي سامهون به مظاهرين سخت احتجاج ڪيو. جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

برطانيه ۾ مظاهرين اعلان ڪيو هو ته هاڻ ڀارت جي يوم آزادي جي ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. 15 آگسٽ تي لنڊن ۾ ڀارتي ڪميشن جي آڏو ڀرپور احتجاج ڪيو. فلپائن، نيدرلينڊ ۾ به ڪشميرين سان گڏ ٻڌي جو اظهار ڪيو ويندو.