راند ۾ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب سخت تنقيد ڪئي ويندي آهي: فخرزمان

news

لاهور: (آچر 11 آگسٽ 2019ع) قومي ٽيم جي رانديگر فخرزمان چيو آهي ته راند ۾ هيٺ مٿانهين ٿيندي رهندي آهي پر بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ سبب منهنجي مٿان سخت تنقيد ڪئي ويندي آهي.

هڪ برطانوي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي قومي ٽيم جي رانديگر چيو ته جڏهن به سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهندو آهيان ته سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ مختلف ڳالهيون ٺاهيون وينديون آهن پر جڏهن سينچري هڻندو آهيان ته ماڻهن جي راءِ تبديل ٿي ويندي آهي. پر مون کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي. منهنجو سمورو ڌيان راند طرف هوندو آهي ڪوشش هوندي آهي ته بهتر کان بهتر راند جو مظاهرو ڪري سگهان.

مخالف ٽيمون منهنجي بيٽنگ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه سمجهي ويون آهن. هن چيو ته انگلينڊ خلاف پهرين ميچ ۾ 3 رنسن تائين محدود رهيس ته منهنجي مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي. ٻئي ميچ ۾ مون 138 رنسن جي اننگز کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿيس ته ماڻهن جي راءِ به تبديل ٿي وئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ فخرزمان چيو ته ڪيترائي اڳوڻا ڪرڪيٽر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ شرڪت ڪندي پنهنجي راند سڌاريندا آهن. منهنجي لاءِ به بهترين موقعو آهي مان پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان.