سموري ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ جو ڏهاڙو سڀاڻي سومر جي ڏينهن عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو

news

لاهور: (آچر 11 آگسٽ 2019ع) سموري ملڪ ۾ حضرت ابراهيم عه جي عظيم قرباني جي ياد ۾ عيدالاضحيٰ جو ڏهاڙو سڀاڻي سومر جي ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو.

سمورن شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جي مسجدن، عيد گاهن ۽ کليل هنڌن تي عيد جي نماز جا وڏا اجتماع ٿيندا. جنهن کان پوءِ مسلمان سنت ابراهيمي ادا ڪندي جانورن جي قرباني ڪندا.

ميڊيا رپورٽ موجب عيد جي نماز جي ادائيگي کان پوءِ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي،  مسلمانن جي اتحاد، ڪشمير ۽ فلسطين جي آزادي جي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون. 

جڏهن ته پوليس طرفان عيدالاضحيٰ جي  موقعي تي ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

حساس مسجدن ۽ امام بارگن جي چوطرف پارڪنگ تي پابندي آهي. جڏهن ته نمازين کي تلاشي کان پوءِ مسجدن جي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.