عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪاسائين جون به من مانيون وڌي ويون، هٿ ٺوڪيا ريٽ وٺڻ لڳا

news

پشاور: (آچر 11 آگسٽ 2019ع) قرباني جي عيد جي لاءِ قرباني جو جانور ته ماڻهو جيئن تيئن ڪري وٺي ايندو آهي پر ان کان پوءِ ڪاسائي ڳولڻ هڪ وڏو امتحان آهي.

شهري  ڪاسائي جي پويان ڊوڙندا رهندا آهن. پر ڪاسائي شهرين کي بڪنگ جو چئي کين وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيندا آهن. هوڏانهن ڪاسائين بڪنگ بند آهي جا پوسٽر دڪانن تي هڻي ڇڏيا آهن. بڪنگ بند ٿيڻ سبب شهري وڌيڪ پريشان ٿي ويا آهن.

پروفيشنل ڪاسائين عيد جي موقعي تي معمول موجب اکيون مٿي تي رکي ڇڏيون آهن. جيڪو به ماڻهو جانور جي قرباني جي لاءِ هنن وٽ اچي ٿو ته انهن کي اهو چئي موٽائي ٿا ڇڏين ته پهريان بڪنگ ٿيل آهي اسان وٽ ٽائيم ناهي جو قرباني جو جانور ذبح ڪري سگهون.

ڪاسائين عيد جي موقعي جو فائدو وٺندي ننڍي جانور جو پنج هزار جڏهن ته وڏي جانور جو اٺ کان ڏهه هزار روپيه ريٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب شهري سخت پريشاني جي ور چڙهيل آهن.