والاريل ڪشمير ۾ عيدالاضحيٰ تي به ڪرفيو برقرار رکڻ جو فيصلو

news

سرينگر: آچر 11 آگسٽ 2019: ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ عيدالاضحيٰ تي به ڪرفيو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قابض حڪمرانن طرفان فيصلو ڪيو ويو آهي ته عيد جي نماز لاءِ ڪنهن وڏي اجتماع جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. ڇو ته جمعي واري ڏينهن گهٽ ماڻهن جي اجتماع هئڻ باوجود هنگاما ٿي ويا هئا.

هوڏانهن خبرون اهي به آهن ته ڪٺ پتلي انتظاميا هنگامي حالتن جي پيش نظر کاڌي پيتي جي شين جو ذخيرو ڪري ورتو آهي.

ڪڻڪ 65 ڏينهن، چانور 55 ڏينهن، ننڍو گوشت 17 ڏينهن ۽ مرغي جو گوشت هڪ مهيني جي لاءِ ذخيرو ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ايل پي جي هڪ مهيني جي لاءِ جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ پيٽرول 28 ڏينهن جي لاءِ ذخيرو ڪيو ويو آهي.