مراد علي شاھ پاران ٽنڊو محمد خان شهر جو دورو

news

ٽنڊو محمد خان:آچر 11 آگسٽ 2019ع: وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ٽنڊو محمد خان پھچي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عوام پاڻ کي اڪيلو نه سمجھي، سنڌ حڪومت ھر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھي.

جلد برسات جي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ انتظاميا پنھنجا قدم کڻي رھي آھي. نقصان ٿيندڙ علائقن ۾ نقصان جي سروي ڪرائي معاوضو ڏينداسين.

ھن چيو ته پيپلزپارٽي ھميشه ڏک سک ۾ عوام سان ساٿ رھي آھي. ٽنڊو محمد خان شھر جي برسات جي پاڻي جو بندو بست ڪيو ويو آھي، ڪوتائي ڪندڙ کي بخش نه ڪيو ويندو.

سنڌ اندر آفيسرن جون موڪلون ختم ڪيون ويون آھن. اھي عوام خدمت ڪري مسئلا حل ڪن. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار سيد قاسم نويد، پ پ پ ايم پي اعجاز شاهه، عبدالڪريم سومرو ۽ آفيسر موجود ھئا.01