ڏوڪري ۾ ڳوٺاڻن پاران کير جي واپاري تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڏوڪري: آچر 11 آگسٽ 2019ع:ڳوٺ ٻلهڙيجي جي کير جي واپاري تي هٿياربندن طرفان حملو ڪري رتورت ڪرڻ ۽ رقم ڦرڻ واري واقعي خلاف منڱريا برادري جي ڳوٺاڻن واپاري عبدالرزاق منڱريو اسدالله منڱريو جي اڳواڻي ۾ ايئرپورٽ روڊ تي ٽائر ساڙي هڪ ڪلاڪ تائين احتجاجي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن علائقي ۾ کلي عام  بدامني وڌڻ ۽ کير جي واپاري تي ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي.

احتجاجي ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو، راڌڻ، موهن جو دڙو، ڏوڪري ۽  باڊهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ کير جي واپاري عبدالرزاق منڱريو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ 6 هٿياربندن ڏنڊن سان حملو ڪري کير جي واپاري عبدالرزاق منڱريو کي رتورت ڪري ڇڏيو هو.

هنن چيو ته حملي ڪندڙ جوابدارن خلاف ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪيس درج ڪرايو آهي، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري.

هنن چيو ته پوليس ساڻن ناانصافي جا ليڪا لتاڙيندي بااثر ماڻهن جي چوڻ تي الٽو سندن خلاف حملي جو ڪيس درج ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ حڪومت جي وس وارن کان گهر ڪئي آهي ته ايئرپورٽ پوليس جي ناانصافين جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.01