ڀارتي ميڊيا حمزه علي عباسي کي آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ قرار ڏئي ڇڏيو

news

لاهور: سومر 12 آگسٽ 2019: تعصب تي مبني ڀارتي ميڊيا پاڪستاني اداڪار حمزه علي عباسي کي آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

خابرو اداري موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي طرفان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت تبديل ڪري انساني حقن جي پائمالي شروع ڪئي ته پاڪستاني اداڪار حمزه علي عباسي مظلوم ڪشميرين جي لاءِ آواز بلند ڪيو ته ڀارتي ميڊيا کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ ان تي تنقيد جا تير هلائڻ لڳي.