حيدرآباد ۽ ڄامشوري جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا، شهرين ۾ خوف ۽ حراس
ويب ڊيسڪ | 4 مھينا پھريان

حيدرآباد: سومر 12 آگسٽ 2019: حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن.
رپورٽ موجب حيدرآباد، ڄامشورو جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. جنهن بعد شهري خوف وچان ڪلمه طيب جو ورد ڪندي ٻاهر روڊن تي نڪري آيا.
حيدرآباد جي تحصيل ٿاڻو بولا خان احمد خان ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي شدت 4.1 رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته زلزلي جو مرڪز ڪوٽري کان ايسٽ جي طرف 50 کان 60 ڪلوميٽر پري آهي.
ٻئي طرف ٺٽي ۾ جهمپير، جهنگڙي، گوگهرو پير سميت ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

59