چين والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي قدم کي هڪ دفعو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو

news

بيجنگ:(اڱارو 13 آگسٽ 2019ع)  چين والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪطرفي قدم کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو آهي.

چيني خبرون ڏيندڙ ايجنسي شهنوا موجب ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر بيجنگ ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ اي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران چيني پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪطرفي قدم جي حوالي سان چيو ته ڪشمير جي حوالي سان چين جو موقف اصولي آهي، اميد آهي ته ڀارت خطي جي امن استحڪام جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو.

ان موقعي تي ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر وضاحت ڪئي ته ڀارت تحمل جو مظاهرو ڪرڻ ۽ پاڪستان سان گڏ تعلقاتن کي بهتر ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيوته ڀارت سرحد تي امن برقرار رکڻ جي حوالي سان چين سان گڏ ٿيندڙ مفاهمت تي ڪاربند رهندو ۽ سمورن سرحدي تڪرارن کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ چين سان ملي ڪم جاري رکيو ويندو.

ڀارتي پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته ان جو ملڪ هلندڙ سال چيني صدر ۽ نريندر مودي جي وچ ۾ غير رسمي ملاقات جو خواهشمند آهي ۽ ان ملاقات کي ڪامياب بنائڻ چاهي ٿو.