مغرور ڀارت کي خطي جي امن جي ڪابه پرواهه ناهي: پاڪستاني سفير

news

واشنگٽن: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اسد مجيد خان چيو آهي ته مغرور ڀارت کي خطي جي امن ۽ استحڪام جي ڪابه پرواهه ناهي. آمريڪي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اسد مجيد خان چيو ته عالمي برادري والاريل ڪشمير کي تڪراري علائقو مڃيندي آهي. سلامتي ڪائونسل جي قرارداد ۾ به ڪشمير ۾ راءِ شماري جو چيو ويو آهي. 

ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. پاڪستان کي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳڻتي آهي. والاريل ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائوڻ آهي ۽ هڪ ڪروڙ 20 لک ڪشميرين جو دنيا سان رابطو ڪٽيل آهي. عوام کي ضرورت جون شيون به نه پيون ملي سگهن. ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن. پاڪستاني سفير چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ بحران پيدا ڪري رهيو آهي ڀارت جي هڪ طرفي قدم سان والاريل ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ وڌي، ڀارت ڪشمير تي پنهنجي ناجائز قبضي ۽ ڀيانڪ ڏوهه کان توجهه هٽائڻ ۾ ناڪام رهيو.

ڀارت هن دفعي سرحد پار دهشتگردي جي ڪوڙن الزامن مان جان نٿو ڇڏائي سگهي. هن چيو ته ڀارت ۾ حڪومتي پارٽي بي جي پي مسلمانن، عيسائين ۽ دلين جي حيثيت ختم ڪرڻ چاهي ٿي. اسد مجيد خان چيو ته ڪشميري عوام 72 سالن کان حق خود اراديت جا منتظر آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي آڇ کي ڪشميرين پاران ساراهه ڪئي وئي. ڀارت ڪشمير تي آرٽيڪل 370جي رد ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي آڇ ٿڏي ڇڏي جنهن سان واضح ٿي ويو ته ڀارت عالمي ذميوارين تي زباني خرچ ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. آمريڪا مداخلت ڪري ۽ صدر ٽرمپ جي ٽياڪڙي جي آڇ کي حقيقت جو رخ ڏنو وڃي.

پاڪستان آمريڪي مداخلت جي آجيان ڪندو. پاڪستاني سفير چيو ته غرور ۾ مبتلا ڀارت کي خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ڪابه پرواهه ناهي. ڀارت 6 مهينن ۾ ڏکڻ ايشيا کي ٻيون دفعو تڪراري بڻايو. ڀارتي قدمن سان خطو تڪراري بڻجي ويو آهي. هوڏانهن چين طرف پاڪستان کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ويو آهي.