مودي جي هٿان جمهوري ڀارت قتل ٿي چڪو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

news

سيالڪوٽ: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سيڪيولر ۽ جمهوري ڀارت مودي جي هٿان قتل ٿي چڪو آهي.

ٽوئٽر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فرقيواريت جي سوچ تي ٻڌل مودي سرڪار ڀارتي ظلمن جي پاليسي ختم نه ڪئي ته خطي کي امن جا سخت خطرا سامهون اچي سگهن ٿا. ڀارت پنهنجي انتهاپسندانه رويي تي نظرثاني ڪري.

ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حل گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ ئي ممڪن آهي. فردوس عاشق چيو ته عيدالاضحيٰ جي ڏينهن به مسلمانن کي ان جي مقدس ڏهاڙو ملهائڻ کان روڪڻ ثابت ڪري ٿو ته سيڪيولر ۽ جمهوري ڀارت مودي جي هٿان قتل ٿي چڪو آهي.

ڪشميرين ۽ پاڪستانين جون خوشيون ۽ ڏک گڏ آهن. ڪشمير ۾ آزادي جو سج هڪ ڏينهن ضرور اڀرندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪوبه ظلم، ڪوبه ڪرفيو، ڪابه هٿڪڙي ۽ ڪوبه قيد خانو  ڪشميرين کي غلام نٿو بنائي سگهي. عيد جي ڏينهن ڪشميرين کي ان جون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ کان روڪڻ ثابت ڪري ٿو ته ڀارت ڪشمير تي ظالماڻو قبضو ڪري رهيو آهي.