ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٽن نوجوانن جي فوتگين جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف داخل

news

ڪراچي: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) ڊفينس ڪراچي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 نوجوانن جي فوتگين جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته گهرن ۾ فوتگين جي ذميواري اسان جي ناهي.

تفصيل موجب ميئر ڪراچي وسيم اختر جون ڪوششون ڪامياب ويون، شهرين کي ڪرنٽ لڳڻ سبب  فوتگين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وارثن ميئر ڪراچي وسيم اختر سان گڏ ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف درخشان ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي. ايف آءِ آر ڪي اليڪٽرڪ جي اڳواڻ ۽ ٻين خلاف داخل ڪئي وئي. ڪراچي جي ميئر جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي غفلت سبب شهري فوت ٿيا آهن هنن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي. وسيم اختر وڌيڪ چيو ته فوت ٿيندڙ ٻين ماڻهن جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي ويندي.

وسيم اختر چيو ته ڪالهه به چيو هو ته شهر کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي. شهر ۾ وڏي تعداد ۾ فوتگيون گٽر ۾ ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿي رهيون آهن. ڇا لاهور ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگيون ٿيون آهن؟. جن 3 نوجوانن جون ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگيون ٿيون آهن  انهن کي ٿاڻو به اهوئي لڳندو آهي. ان ڪري ايف آءِ آر هتي داخل ڪرائي آهي. ميئر ڪراچي طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف درخواست ڏيڻ کان پوءِ پوليس جي اعليٰ آفيسرن ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪن جو نالو شامل ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ۽ ڪجهه ئي دير کان پوءِ پوليس ڪيس کي داخل ڪرڻ لاءِ وارثن جي اجازت لازمي قرار ڏئي ڇڏي.

پوليس فوت ٿيندڙ نوجوانن جي وارثن جي غير موجودگي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ايف آءِ آر ۾ نالا صحيح ناهن داخل ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ 6 ڪلاڪن کان پوءِ پوليس ڪي اليڪٽرڪ جي مالڪ، سي اي او ۽ چيئرمين جي خلاف مقتول حمزه جي وارثن جي مدعيت ۾ ڪيس قلم .322-268 ۽ 34 تحت داخل ڪيو ويو.