ڪرس گيل ويسٽ انڊيز جو ڪامياب رانديگر بڻجي ويو

news

نئين دهلي: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي ۽ ڀارت جي خلاف  ٻن ميچن ۾ صرف پندرنهن رنسون ٺاهڻ جي باوجود ڪرس گيل ويسٽ انڊيز جو ڪامياب رانديگر بڻجي ويو آهي.

تفصيل موجب ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي ۽ ڀارت جي خلاف ٻن ميچن ۾ صرف پندرنهن رنسون ٺاهڻ جي باوجود ڪرس گيل ويسٽ انڊيز جو ڪامياب رانديگر بڻجي ويو آهي.  ڪرس گيل ڀارت جي خلاف ٻئي هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ 11 رنسون ٺاهيون ۽ عظيم رانديگر برائن لارا جو 10 هزار ٽي سو اٺيتاليهه رنسن جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.

لارا 295 ميچن ۾ 19 سينچريون ۽ ٻاهٺ ففٽين جي مدد سان ايڪيتاليهه جي بهترين اوسط سان هي رنسون اسڪور ڪيون هيون. ان جو بهترين اسڪور هڪ سئو اوڻهتر رنسون هيو. ڪرس گيل برائن لارا جي ويسٽ انڊيز جي طرفان سڀني کان وڌيڪ هڪ ڏينهن واري ميچن جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو.

ٻه سئو ستانوي هڪ ڏينهن واري ميچن ۾ ڪرس گيل 10 هزار ٽي سئو ٽيونجاهه رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ 25 سينچريون ۽ 52 ففٽيون شامل آهن. ان کان علاوه بهترين اسڪور 215 رنسون آهن. هو ويسٽ جي طرفان هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سينچري ٺاهيندڙ پهريون بيٽسمين آهي.