وزيراعظم عمران خان آزادي جو ڏهاڙو سڀاڻي آزاد ڪشمير ۾ ملهائيندو

news

اسلام آباد: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) وزيراعظم عمران خان آزادي جو ڏهاڙو سڀاڻي آزاد ڪشمير ۾ ملهائيندو جتي هو قانونساز اسيمبلي کي به خطاب ڪندو.

وزيراعظم هائوس موجب وزيراعظم عمران خان 14 آگسٽ جي صبح جو هيلي ڪاپٽر جي ذريعي آزاد ڪشمير جي راڄڌاني مظفر آباد پهچندو.

ان موقعي تي ڪيترائي وفاقي وزير به ان سان گڏ هوندا. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي  قانونساز اسيمبلي کي به خطاب ڪندو ۽ اتي آل پارٽيز ڪانفرنس سميت ٻين ڪشميري اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.