عورت ڪرڪيٽ رانديگرياڻين کي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شامل ڪيو ويو

news

دبئي: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) عورت ڪرڪيٽ رانديگرياڻين کي ڪامن ويلٿ گيمز 2022 ۾ شامل ڪيو ويو.

  رپورٽ موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ڪامن ويلٿ گيمز 2022 ۾ عورت ڪرڪيٽ رانديگرياڻين کي شامل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

آءِ سي سي موجب ڪامن ويلٿ گيمز 2022 ۾ عورتن جا ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جا مقابلا ٿيندا ۽ ايونٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺنديون جن ۾ ڀارت، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ، آسٽريليا، پاڪستان، سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون شامل آهن. ڪامن ويلٿ گيمز 2022 جا مقابلا برطانوي شهر برمنگهم ۾ ٿيندا.