پاڪستاني شوقينن جي لاءِ وڏي عيد تي چئن فلمن جو تحفو

news

ڪراچي: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) هلندڙ سال قرباني جي عيد جي پرمسرت موقعي تي وڏي بجيٽ ۽ خوبصورت ڪاسٽ تي ٻڌل 4 فلمن جو ميلو سجي ويو آهي. جن ۾ پاڪستاني حسينائون ماهره خان، مايا علي ۽ حريم فاروق ۾ سخت مقابلو آهي.

هن قرباني واري عيد تي اداڪاره ماهره خان، حريم فاروق، مايا علي، شهريار منور، بلال اشرف، علي رحمان ۽ سميع خان جهڙي خوبصورت  اداڪارن سان سجيل 4 فلمون پري هٽ لو، هير مان جا، سپر اسٽار ۽ ڪاف ڪنگنا رليز ٿي رهيون آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جتي ماهره خان جي فلم سپر اسٽار هن عيد تي رليز ٿي رهي آهي اتي هو فلم پري هٽ لو ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي. ان ڪري اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته ماهره خان قرباني واري عيد ۾  ٿيندڙ ميلو ٻن فلمن سان گڏ ٻين اداڪارائن جي مقابلي ۾ کٽي وٺندي.

هدايتڪار عاصم رضا جي فلم پري هٽ لو ۾ اداڪار شهريار منور ۽ مايا علي مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پر فلم ۾ ماهره خان به اهم ڪردار ۾ نظر ايندي. عيدالاضحيٰ تي رليز ٿيندڙ  ٻئين وڏي فلم ماهره خان ۽ بلال اشرف جي سپر اسٽار آهي  جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جنهن جي لاءِ شوقين خرچ ڪري سئنيما گهرن جو رخ ڪن ٿا. ننڍي اسڪرين تي ڪاميابي ماڻيندڙ اداڪاره حريم فاروق ۽ علي رحمان جي خوبصورت جوڙي فلم هير مان جا ۾ پنهنجا جلوا ڏيکاريندي.

شوقين  بي صبري سان هيرمان جا جو انتظار ڪري رهيا آهن. جڏهن ته عيد دوران هڪ ٻئي فلم ڪاف ڪنگنا به رليز ٿي رهي آهي هي فلم گهٽ پذيرائي ملڻ سبب ماڻهن ۽ ميڊيا جي توجه پنهنجي طرف نه ڪرائي سگهي. پر فلم جو موضوع پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ جنم وٺندڙ محبت جي چوطرف گهمي ٿي جنهن ۾ اداڪار سميع خان  ۽ ڀارتي ڇوڪري جو ڪردار اداڪاره ايشال فياض ادا ڪيو آهي.