ماءُ جو کير ٻار ۾ ڏينهن ۽ رات جي سڃاڻپ پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي

news

ڪيليفورنيا: (اڱارو 13 آگسٽ 2019ع) ماءُ جو کير ٻار جي لاءِ اهم ترين غذا کان وڌيڪ درجو رکندو آهي ۽ هاڻ ان ٻار جي لاءِ گهڙي جو درجو حاصل ٿي چڪو آهي. ڇو ته تازي ڄاول ٻار کي ڏينهن ۽ رات جي سڃاڻپ به ماءُ جو کير فراهم ڪندو آهي.

ماهرين اها دلچسپ ڳالهه ٻڌائي آهي ته ماءُ جي کير جي ترڪيب ۽ جزا پوري ڏينهن ۾ تبديل ٿيندا رهندا آهن. ڏينهن جو کير ٻار کي توانائي ڏيندو آهي ۽ شام ۾ ٻار کي سڪون پهچائيندو آهي. سائسندانن ان کي ڪرونو نيوٽريشن يا وقت واري غذائيت جو نالو ڏنو آهي.

هنن جو خيال آهي ته اهڙي طرح کير پياڪ ٻار ۾ شروعاتي ڏينهن ۾ ئي ٻار کي جسماني گهڙي جو تعين ڪندو آهي ۽ ٻار ڏينهن رات جو شعور ڪرڻ لڳندو آهي. ان جي وجه اها آهي ته ماءُ جو کير ڏينهن ۽ رات جي مختلف وقتن ۾ سيني ۾ جمع ٿيندو رهندو آهي ۽ مختلف وقتن ۾ کير جي ڪيفيت به بدلجندي رهندي آهي.

ان تي پهرين غور ناهي ڪيو ويو پر هاڻ ان تان پري رهڻ جا اثر سامهون اچي رهيا آهن. ڪيليفورنيا ۾ واقع چيمپين يونيورسٽي جي ڊاڪٽر لوراگلائن، ڪيرولن اسٽيل ۽ ڪيروئن بگسبي اهو کير ۾ قدرتي جسماني گهڙي دريافت ڪئي آهي. اسان کي وقت تي بک لڳندي آهي ۽ سمهڻ ۽ جاڳڻ جو به هڪ وقت هوندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اسان جي جسم ۾ وقت جي سڃاڻپ ۽ محسوس ڪرڻ جو قدرتي نظام آهي.