نئون ديرو واسي سميت ٽي ڄڻا مبينا اغوا، پوليس پاران واقعو ڊرامو قرار

news

نئون ديرو: اڱارو 13 آگسٽ 2019ع: نئون ديرو واسي سميت ٽن ڄڻن جي اغوا جا اطلاع، پوليس سڄي رات پير به ڳولي نه سگهي ۽ نه ئي اغوا جي تصديق ڪئي، اغوا ٿيل نئون ديرو واسي جا ٻئي موبائل نمبر بند، وڌيڪ ٻن ڄڻن جي به سڃاڻپ نه ٿي، پوليس واقعي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو.

خبر موجب ماهوٽا ٿاڻي جي دودائي ڳوٺ وٽان 5 اڻڄاتل هٿياربندن پاران رات دير سان سکر کان لاڙڪاڻي ويندڙ ويگن ۾ ويٺل ڊرائيور ۽ مسافرن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائڻ بعد نئون ديرو واسي شعيب ڀٽو سميت ٽن مسافرن کي مبينا اغوا ڪري کنڀي کڻي ويا جنهن جو اطلاع ويگن ۾ سوار نوجوان فاروق ڀٽو ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو آهي.

جڏهن ته اغوا ڄاڻايل شعيب ڀٽو جي موبائل فون جا ٻئي نمبر به مسلسل بند ملي رهيا آهن. ان ڏس ۾ نوجوان فاروق ڀٽو جو چوڻ هو ته آئون پنهنجي شعيب سان گڏ سکر ويو هيس جتان ويگن تي واپس موٽي رهيا هئاسين جنهن ۾ ڊرائيور سميت 2 ٻيا به مسافر سوار هئا. رستي مان 5 اڻڄاتل ماڻهو ويگن ۾ چڙهيا جن کي ٻٽون ٻڌل هيون جنهن مرزاپور اسٽاپ کان هٿيار ڪڍي ڊرائيور تي پستول تاڻي سڀني مسافرن کي هٿيارن جي زورتي يرغمال بڻائي ڇڏيو ۽ ڪنهن به اسٽاپ تي ويگن روڪڻ نه ڏني جنهن بعد دودائي ڳوٺ وٽ ويگن بيهاري ڊرائيور کي مارڪٽ ڪري مامي شعيب ڀٽو سميت 3 ڄڻن کي لاھي اغوا ڪري کنڀي کڻي ويا، جتان مان وجهه وٺي ڀڄي نڪتس ۽ چنگچي ڪري نئون ديرو گهر پهچي اطلاع ڏنو جنهن بعد ماهوٽا ٿاڻي تي واقعي جو اطلاع ڏنو.

هن چيو ته اغوا ٿيلن ۾ هڪ منهنجو مامو شعيب ڀٽو هو جڏهن ته باقي ٻن ڄڻن بابت مون کي ڪا ڄاڻ نه آهي ته اهي ڪير آهن ۽ ڪٿان جا رهواسي هئا ۽ اها به خبر ناهي ته پوءِ ڊرائيور ويگن ڪاهي ڪيڏانهن ويو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ماهوٽا ٿاڻي جي ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته اسان کي جيئن ئي اطلاع مليو ته اسان پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي سرڪاري پيري گهرائي هٿياربندن جا پيرا ڳوليا پر سندن ڪٿان به پيرو نه لڳو آهي. اطلاع ڏيندڙ فاروق ڀٽو جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ۽ واقعو منجهائيندڙ آهي. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو نوجوان ڪوڙو ڊرامو رچائيندو هجي.

اسان واقعي جي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ڊي ايس پي عاقل غلام قادر انصاري جو چوڻ هو ته اسان کي جيئن ئي اطلاع مليو اسان سرڪاري پيري جي مدد سان پيرا کڻايا پر ڪنهن جو به پيرو نٿو لڳي، ويگن ڊرائيور جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن بعد خبر پئجي ويندي ته اصل حقيقت ڇا آهي.

هوڏانهن مبينه اغوا ڄاڻايل شعيب ڀٽو جي مامي اويس ڀٽو جو چوڻ هو ته پوليس سڄي رات اسان سان گڏ پيرا ڳوليندي رهي پر ڪٿان به پيرو نه لڳو جڏهن ته آس پاس جي ڳوٺن مان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر ڪنهن کي به واقعي بابت ڪا ڄاڻ نه آهي.

اسان جي ڇوڪري جا ٻئي موبائل فون نمبر به مسلسل بند ملي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين سندن ڪو پتو نه پوڻ ڪري اسان جي گهر ۾ پريشاني واري صورتحال آهي. هن مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري اسان جي نوجوان شعيب ڀٽو کي بازياب ڪرايو وڃي.01