اڏيرو لال اسٽيشن ۾ اٽي جي چڪي مان چوري ٿيڻ وارو مامرو، متاثرن پاران ٿاڻي تي رپورٽ داخل

news

اڏيرو لال اسٽيشن: اڱارو 13 آگسٽ 2019ع:اڏيرو لال اسٽيشن شهر ۾ عيد رات دير سان اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي جي سامهون سيٺ روپن مل جي اٽي جي چڪي جا اڻڄاتل چور دروازن جا تالا ٽوڙي چڪي ۾ رکيل اڍائي مڻ جي وزني تجوري کڻي فرار ٿي ويا، جنهن ۾ 6 لک 80 هزار روڪ رقم ۽ ضروري ڪاغذات پيل هئا.

جڏهن ته واقعي جي علم کانپوءِ چڪي مالڪ روپن مل انجمن تاجران اڏيرو لال اسٽيشن جي اڳواڻن ديوان پريم چند، ديوان تلسي داس، عبدارشيد آرائين، ٽائون چيئرمين محمد حنيف ڇٽو کي ساڻ ڪري اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي تي پهچي ايس ايڇ او يعقوب ٻرڙو سان ملاقات ڪري واقعي جا تفصيل ڏنا. اڻڄاتل چور رات جي پوئين پهر ۾ ٿاڻي جي سامهون واقع اٽي جي چڪي جا تالا ٽوڙي اندر موجود اڍائي مڻ جي تجوري کڻي ويا، جهن ۾ 5 لک 80 هزار روڪ رقم سميت ضروري ڪاغذ رکيل هئا، انجمن تاجران جي وفد سان ملاقات کانپوءِ ايس ايڇ او اڏيرو لال اسٽيشن رپورٽ داخل ڪندي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي.

ٻئي طرف انجمن تاجران جي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته 48 ڪلاڪن اندر چورن کي گرفتار ڪري واپاري برادري سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ شهر ۾ هڙتال ڪرڻ سميت ايس ايس پي مٽياري جي آفيس جو به گيهرا ءُ ڪيو ويندو.01