فريال ٽالپر کي اسپتال مان گرفتار ڪري جيل اماڻڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪيون ٿا: خيرالنساءَ مغل

news

ميرپورخاص: اڱارو 13 آگسٽ 2019ع:پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري سابق ايم پي اي خيرالنساءَ مغل، ضلعي جنرل سيڪريٽري مير حسن ڍونڪائي ۽ عبدالسلام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عيد رات 12 وڳي فريال ٽالپر کي اسپتال مان گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو، حڪومت جي اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪيو ٿا، ڇا عمران خان جي رياست مدينه اها آهي، جنهن ۾ عورت جو به احترام نٿو ڪيو وڃي، سياسي مخالفن جي مائرن ۽ ڀينرن سان اهو سلوڪ رکي دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي.

اهڙا عمل جاري رهيا ته ملڪ خانه جنگي طرف وڌندو، اقتدار جي انڌي گهوڙي تي سوار فاشسٽ حڪومت جو ڪارو چهرو سامهون اچي ويو آهي، جنهن خلاف اسين خاموش نه ويهنداسين، هن ملڪ ۾ ٻه قانون هلي رهيا آهن، هڪ طرف بيمار عورت کي اسپتال مان کنڀي جيل موڪليو وڃي ٿو، اسپتال جي پي ڊي کي هٽايو ويو، ٻئي طرف فرد جرم عائد هوندي به عليمه خان کي آزاد ڇڏيو ويو آهي.

نندي پور ڪيس ۾ بابر اعوان کي ڇڏيو ويو ۽ راجا پرويز اشرف تي ڪيس هلايو پيو وڃي، وفاقي حڪومت انتقام ۾ انڌي ٿي وئي آهي، نااهل وزيراعظم سيليڪٽ ڪيو ويو آهي، ڪشمير اشو تي حڪومت ۽ اپوزيشن کي هڪ پيج تي هئڻ گهرجي.

ڪشميري عوام اسان ڏي ڏسي رهيو آهي، پاڪستان جا جهنڊا هٿن ۾ کڻي شهادتون ڏئي رهيو آهي ۽ نااهل وزيراعظم انتقامي ڪارروايون ڪري رهيو آهي، مودي ۽ عمران خان ۾ ڪو به فرق ناهي، پارليامنيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شام جو آيو ۽ ڪا به قرارداد پاس نه ڪرايائين، بلاول ڀٽو کي آزاد ڪشمير جي پارلياماني ميمبرن دانهيو ته عمران خان کي اسان اسيمبلي ۾ خطاب لاءِ دعوت ڏني پر هو نه آيو.

هن وقت ڪشمير لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي پر هو پ پ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ آصف زرداري، فريال ۽ آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري ٻين تي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ لاءِ سازشون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن تي داخل ڪيس ڇو نٿا هلايا وڃن.

اسين گرفتارين کان ڊڄـڻ وارا ناهيون، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي. ان موقعي تي پ پ  سٽي صدر حنيف ميمڻ، پ پ يوٿ صدر عنايت ناريجو، مصطفيٰ مڱريو، رئوف غوري، آفاق احمد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.01