مٽياري ۾ خاصخيلي برادري جو معزز شخصيت انجنيئر الھورايو لاڏاڻو ڪري ويو

news

مٽياري: (رپورٽ: طارق مميڻ)اڱارو 13 آگسٽ 2019ع: مٽياري ضلعي جي معزز ۽ سياسي سماجي شخصيت ۽ خاصخيلي برادري جي معزز شخصيت انجنيئر الھورايو خاصخيلي ستر سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.

مرحوم پنهنجي سڄي زندگي خاصخيلي قبيلي کي پاڻ ۾ متحد ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏي مرحوم جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ ڳوٺ الھورايو خاصخيلي لڳ اڏيرو لعل ۾  ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز ۾ پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي مرڪزي چيئرمين سرائي نياز حسين خاصخيلي، صوبائي وزير سعيد غني، منظور علي خاصخيلي، خدا بخش خاصخيلي، انجنيئر يار محمد خاصخيلي، سجاد احمد خاصخيلي، انور حسين خاصخيلي، دلشير خاصخيلي، علي مراد خاصخيلي، انجنيئر عبدالغني خاصخيلي ۽ سياسي سماجي شخصيتن سميت علائقي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. مرحوم جو تڏو سندس حيدرآباد ڊفينس واري رھائشگاھ تي وڇايو ويو آهي. 01