مٽياري ۾ شهرين پاران بجلي بند هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

مٽياري: اڱارو 13 آگسٽ 2019ع:مٽياري ۾ بجلي جي بندش خلاف احتجاج، سخت نعريبازي، ٽن ڏينهن کان بجلي بند آهي، واپڊا وارا نه آفيس ۾ آهن، نه ئي فون ٿا کڻن، علي شير شاھ ڪالوني واسي. تفصيل موجب مٽياري پريس ڪلب اڳيان مٽياري جي علي شير شاھ ڪالوني جي رهواسين بجلي جي بندش خلاف فاروق ميمڻ، رجب خاصخيلي، رياض چانڊيو، بشير ميمڻ، طاهر خاصخيلي ۽ سڪندر عمراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ڊي او ۽ واپڊا اهلڪارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوئين ٽن ڏينهن کان اسان جي ڪالوني ۾ بجلي بند آهي، جنهن سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن چيو ته عيد جي ڏينهن به اسان وٽ بجلي بند هئي، جڏهن ته واپڊا جو ڪو به اهلڪار آفيس ۾ موجود ناهي، ٽئي ڏينهن اسان آفيسن جا چڪر ڪاٽيا آهن پر رين ايمرجنسي باوجود ڪو اهلڪار واپڊا آفيس ۾ موجود نه آهي، صرف ٻه ڪتا آفيس ۾ ويٺل آهن.

جڏهن ته اسان ايل ايس مٽياري ايس ڊي او مٽياري ۽ حيسڪو چيف کي پڻ ڪالون ڪيون پر ڪوبه اهلڪار فون کڻڻ لاءِ تيار ناهي، ڪالوني واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اسان جي بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ مجبورن اسان کي قومي شاهراهه بند ڪري احتجاج ڪرڻو پوندو.01