مورو ۾ نوجوان عابد علي چانڊيو پراسرار نموني گم، وارث پريشان
وحيد مستوٸي | 4 مھينا پھريان

مورو:اڱارو 13 آگسٽ 2019ع: مورو شھر جي وارڊ نمبر 2 جي سيد پاڙي جي رھواسي پورھيت مُور خان چانڊيو جو پٽ عابد علي چانڊيو گذريل ٻن ھفتن کان لاپتا آھي، جنھن جي وارثن پاران ڪافي ھنڌن تي ڳولا ڪئي وئي آھي پر ڪو به ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي.
ان سلسلي ۾ گم ٿي ويل نوجوان جي والد مُور خان چانڊيو ٻڌايو ته منھنجو پٽ ٻه ھفتا اڳ گھر ۾ معمولي ڳالھ تان ڪاوڙجي ويو ھو، جنھن جي ڪافي ھنڌن تي ڳولا ڪئي آھي پر ڪو به ڏس پتو نه مليو آھي، جنھن ڪري اسان تمام گھڻا پريشان آھيون ۽ امڙ، ڏاڏي ۽ پڦي کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن.
عيد جون خوشيون پڻ نه ملھائي سگھيا آھيون، گھر ۾ ڏک واري صورتحال ڇانيل آھي. ان ڪري مان سڀني کي اپيل ٿو ڪريان ته منھنجي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، جڏھن ته اھڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آھي.01

26