آزادي جي ڏهاڙي تي ايڪيتاليهه شخصيتن جي لاءِ اعليٰ ايوارڊز جو اعلان

news

اسلام آباد: (اربع 14 آگسٽ 2019ع) صدر عارف علوي جي طرفان 73هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي 41 شخصيتن جي لاءِ ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سرڪاري  پڌرائي موجب جشن آزادي جي موقعي تي ان 41 شخصيتن جي لاءِ ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن پاڪستان جي لاءِ خاص خدمتون انجام ڏنيون. بيان موجب چين جي 2 شخصيتن سونگ تائو ۽ زونگ شون کي هلال پاڪستان ڏنو ويندو ۽ متحده عرب امارات جي شيخ منصور بن زايدالنهيان کي به  هلال پاڪستان جي ايوارڊز سان نوازيو ويندو. ان کان علاوه آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر شيلا جيڪسن کي به هلال پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويندو.

بيان موجب چين جي زوبيگ ۽ آمريڪا جي نجيب الله غوري کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويندو. جڏهن ته چيڪ ريپبلڪ جي پاول بيم کي به هلال امتياز سان نوازيو ويندو. ميجر رٽائرڊ اعظم سليمان خان کي پبلڪ سروس ۽ نيشنل سيڪيورٽي تي خليق داد خان کي اليڪٽرانڪس، قاري صداقت علي، مفتي محمد تقي عثماني ۽ علامه رضي جعفر نقوي کي پبلڪ سروس تي هلال امتياز ڏنو ويندو. ضياءَ آفتاب کي انجنيئرنگ اليڪٽرانڪس، صفدر معاويه کي انجنيئرنگ ميڪينيڪل ريحان ماجد کي انجنيئرنگ مڪينيڪل ايرواسپيس، ڊاڪٽر رضوان حسين سائنس ڪيمسٽري، عبدالقيوم کي انجنئيرنگ مڪينيڪل ۽ محمد الياس کي انجنيئرنگ مائنز تي هلال امتياز سان نوازيو ويندو.

ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي کي سائنس، فزڪس ۽ نينوٽيڪنالوجي، ڊاڪٽر ايوب صابر کي تعليم، ڊاڪٽر ڪامران وصفي کي دوائن ۽ محمد جاويد آفريدي کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويندو. عمران سيريز جي خالق اسرار احمد(ابن صفي مرحوم) کي ادبي خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويندو. جڏهن ته احمدالله کي عوامي خدمتن ۽ گهڻو ٽيڪس ڏيڻ تي هلال امتياز ڏنو ويندو.ان کان علاوه ڊاڪٽر عبدالقدوس شهيد کي هلال شجاعت سان نوازيو ويندو. بيان موجب ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب 23 مارچ 2020 تي يوم پاڪستان جي موقعي تي منعقد ڪئي ويندي.