والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن سان قومي نظرئي کي وڌيڪ هٿي ملي: وزيراعظم

news

اسلام آباد: (اربع 14 آگسٽ 2019ع) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي 73هين آزادي جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ تازو ڀارتي قدمن سان اسان جي وڏن جي ٻه قومي نظريئي کي وڌيڪ هٿي ملي آهي.

وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي يوم آزادي جي پرمسرت موقعي تي پرڏيهه ۽ ملڪ ۾ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان سڀئي ملي ان عزم جو مظاهرو ڪريون ٿا ته پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بنائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته 14 آگسٽ اسان جي ملي تاريخ جو اهو سونهري ڏينهن آهي جيڪو اسان کي ڪيترين ئي قربانين جي ياد ڏياريندو آهي جيڪي اسان جي وڏن پنهنجي مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي قدمن جي تحفظ جي لاءِ پيش ڪيون.

وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان مقصدن جي به ياد ڏياريندو آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ آزاد خود مختار مسلم رياست جو قيام عمل ۾ آيو. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته اسان جي عظيم قائد محمد علي جناح وٽ هڪ اهڙي ترقي پسند پاڪستان جو تصور هو جتي اسلام جي سنهري اصولن موجب زندگي گذاري وڃي. جتي قانون جي حڪمراني، جمهوري اصولن جي بالادستي ۽ رياست ۽ عوام جي وچ ۾ احساس جو مضبوط اڻٽٽ رشتو هجي. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه نعمتن ۽ وسيلن سان نوازيو آهي اڄ اسان جي سامهون هڪ روشن مستقبل آهي. قائداعظم جي اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي رهنما اصولن کي اپنائيندي ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجن ۽ پريشانين کي قابو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان سڀني کي ملي ان عزم جو ارادو ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بنائڻ جي لاءِ اسان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين.

وزيراعظم پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستان جي ڪردار تي  زور ڏيندي چيو ته مون کي يقين آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي مفاد م بهتر ڪم ڪندا ۽ سندن وڌيڪ ڪوششن جي ذريعي اسان انهن تي فخر ڪنداسين.هن چيو ته يوم آزادي جي هن پرمسرت موقعي تي ملڪ جي  ان دلير سپوتن کي به خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن جي اڻکٽ قربانين ۽ پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي ملڪ جي نظرياتي ۽ جغرافيائي سرحدن جي حفاظت ڪئي ۽ ملڪي سالميت ۽ خود مختياري جو علم بلند رکيو آهي.

وزيراعظم چيو ته آزادي جي ڏهاڙو خوشي جو موقعو آهي پر اڄ جي ڏينهن اسان والاريل جمون ڪشمير ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حالت تي ڏک ۾ ورتل آهيون جيڪي ڀارتي ظلم ۽ جبر ۽ رياستي دهشتگردي جو شڪار آهن. والاريل جمون ۽ ڪشمير جي معصوم  ۽ هٿين خالي عوام تي ڀارت جو ظلم عالمي قانونن جون خلاف ورزيون آهن. هن چيو ته مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي يقين ڏياريان ٿو ته اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون. پاڪستان والاريل جمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي حق خوداراديت جي حصول جي منصفانه جدوجهد جي سياسي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندا.