مودي جا هٿ ڀڃي ڇڏينداسين پر ڪشمير تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين: شهباز شريف

news

لاهور: (اربع 14 آگسٽ 2019ع) مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ڀارتي وزيراعظم کي سخت پيغام ڏيندي چيو آهي ته اسان مودي جا هٿ ڀڃي ڇڏينداسين پر ڪشمير تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي سيڪريٽريٽ ۾  آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ جهنڊو ڦڙڪايو ويو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي لاءِ رت جا نذرانا پيش ڪيا ويا. پاڪستان کي آزاد ٿيندي 72 سال ٿي ويا آهن جيڪا نعمت الله پاڪ اسان کي عطا ڪئي  آهي ان جو ڪريڊٽ قائداعظم جي ليڊر شپ ڏانهن وڃي ٿو. لکين مسلمانن رت جا درياءَ پار ڪيا. هن والاريل ڪشمير جو ذڪر ڪندي چيو ته مودي ڪشميرين جو قتل عام ڪري رهيو آهي. گجرات جو قاتل مودي هاڻ ڪشميرين مٿان سخت ظلم ڪري رهيو آهي.

قائداعظم فرمايو هو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي. اسان مودي جا هٿ ڀڃي ڇڏينداسين پر ڪشمير تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين. مودي هزارين مسلمانن جو قاتل آهي. شهباز شريف چيو ته ڪشمير بڻجندو پاڪستان انهي نعري کي حقيقت بنائڻ جي لاءِ ٽرمپ جي نه پر الله جي مدد گهرجي. اسان الله جي سهاري اڳيان وڌنداسين ته ڪشمير ضرور بڻجندو پاڪستان. هن چيو ته اسان کي هاڻ الله جي سهاري پاڻ ۾ جان پيدا ڪرڻي پوندي ٻين ڏانهن نه ڏسون، هاڻ ڳالهيون نه پر عمل ڪرڻ جو وقت آهي.

هن وڌيڪ چيو ڪشمير ۾ هن وقت صورتحال خراب آهي. اسان جا ڪشميري ڀائر شهيد ٿي رهيا آهن. مودي 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري خراب خواب ڏٺو آهي. مودي کي پيغام ڏيان ٿو ۽ عوام کي چوان ٿو ته هاڻ قربانين جو وقت اچي ويو آهي. مودي شهه رگ تي هٿ رکيو آهي. مودي جو جيستائين شهه رگ تان هٿ نه ڇڏائينداسين يا نه ڀڃنداسين تيستائين اسان سک جو ساهه نه کڻنداسين. اسان کي ڪشميرين کي ٻڌائڻو پوندو ته اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون. ظلم جي ڪڏهن به سوڀ ناهي ٿيندي.