مليحه لودهي ڪشمير تي اجلاس گهرائڻ بابت پرڏيهي وزير جو خط سلامتي ڪائونسل کي ڏئي ڇڏيو

news

نيويارڪ: (اربع 14 آگسٽ 2019ع) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحه لودهي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو خط گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر کي پهچائي ڇڏيو آهي.

مليحه لودهي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو خط گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ پولش سفير جوانا ورونيڪا کي ڏنو جيڪو 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جو هلندڙ مهيني کان صدر آهي. مذڪوره خط ۾ سلامتي ڪائونسل جي صدر کان والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو باضابطه مطالبو ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف مليحه لودهي برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي آگاهه ڪيو ته ڪشمير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته سلامتي ڪائونسل جلد ڪشمير جي مسئلي تي ملاقات ڪندي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۾ بحث ثبوت آهي ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو اندروني معاملو ناهي. ان ڪري سلامتي ڪائونسل کي ڪشمير ۾ پابندين ۽ انسانيت سوز ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.  مليحه لودهي وڌيڪ چيو ته ڀارتي پابندين ۽ ڪرفيو سبب والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي پر اميد آهي ته ڪشمير تي عالمي برادري حق ۽ انصاف جو ساٿ ڏيندي.

ان کان علاوه پولينڊ جو پرڏيهي وزير هن وقت نيويارڪ ۾ موجود آهي جنهن جو چوڻ آهي ته هن گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون آهن ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهين جي ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿيندا جيڪو ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. 

پولش پرڏيهي وزير چيو ته ضرورت محسوس ٿي ته ان جو ملڪ سلامتي ڪائونسل ۾ بحيثيت غير مستقل ميمبر پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. اجلاس گهرائڻ بابت سوال تي پولش  پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته سلامتي ڪائونسل ان مسئلي تي بحث ڪندي ۽ مناسب فيصلو ڪيو ويندو.