ڪجهه عنصر پارليامينٽ کي بي اثر ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا: آصف زرداري

news

اسلام آباد: (اربع 14 آگسٽ 2019ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه عنصر پارليامنٽ کي بي اثر ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.

آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي صدر چيو ته آزادي جو ڏهاڙو قائد اعظم جي فلسفي تي عمل جي تقاضا ڪري ٿو، قائد اعظم جي پاڪستان کي قائد عوام  آئين جو نور ڏنو، قائد جي فلسفي کي مڃيندڙن ملڪ جي تخته مشق بڻايو.

آصف زرداري چيو ته پارليامنٽ جي بالادستي ۽ آئين جي حڪمراني سان ملڪ بضبوط بڻبو پر ڪجهه عنصر پاليامينٽ بي اثر ۽ جمهوريت کي ڪمزور بڻائڻ چاهين ٿا.