والاريل ڪشمير ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن به ڪرفيو برقرار

news

سرينگر: (اربع 14 آگسٽ 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ عيد جي ٽئين ڏينهن به ڪرفيو برقرار آهي جنهن سبب ڪشميري عيد قيدين جيان گذارڻ تي مجبور آهن.

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهين جڏهن ته جنت جو ڏيک ڏيندڙ وادي ڪشميرين جي لاءِ قيد خاني ۾ تبديل ٿي وئي آهي. وادي ۾ 10 ڏينهن کان مسلسل ڪرفيو لاڳو آهي. والاريل ڪشمير ۾ عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن به ڪشميري گهرن ۾ قيد آهن. ڪرفيو سبب روڊ ويران آهن. مرڪزي بازارن ۽ شاهراهن تي ڀارتي فورس جو سخت پهرو آهي.

والاريل ڪشمير ۾ هاڻ کائڻ پيئڻ جي شين جو اسٽاڪ به ختم ٿي ويو آهي. جڏهن ته مريض دوائن کان به محروم ٿي ويا آهن. ٻئي طرف ڀتن تي(گو انڊيا گو بيڪ) ۽ (هم کيا چاهتي هين آزادي) جا نعرا به لکيل آهن. جڏهن ته هن وقت والاريل ڪشمير دنيا جي سڀني کان وڏي جيل جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. نه صرف والاريل ڪشمير پر لداخ جا ماڻهو به ڀارتي قدمن تي ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ آهن.

والاريل ڪشمير ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس اڃان تائين بند آهي جنهن سبب آن لائن اخبارون به اپ ڊيٽ نه ٿي سگهيون آهن. 10 ڏينهن کان والاريل وادي جو رابطو ٻاهرين دنيا سان ڪٽيل آهي.