ڏوڪري ۾ جشن آزادي جي ڏهاڙي تي تقريب

news

ڏوڪري: اربع 14 آگسٽ 2019ع:جش آزادي جي موقعي تي ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري ۾ جش آزادي جو پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ چيئرمين لياقت علي سومرو ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري جي آفيس تي پاڪستان جو قومي پرچم لهرايو ۽ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان جي خوشي جو ڏينهن آهي، اسان جي ملڪ جي آزادي جو 72 هون ڏينهن آهي.

هن چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي پر انڊيا پنھجي زد تي بيهي ڪشميرين مٿان وحشياڻو ظلم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري اقوام متحده نوٽيس وٺي انڊيا جي ظلم کي روڪي آخر ۾ پاڪستان زندهه آباد ڪشمير بني گا پاڪستان جا نعرا هنيا ويا ۽ آخر ۾ مٺائي تقسيم ڪئي وئي. ٻئي طرف سنڌ جو قديم ماڳ موهن جو دڙو جشن آزادي واري ڏينهن تي عام سياحن لاءِ مڪمل طور تي بند رکيو ويو.

ان ڏس ۾ ثقافت کاتي پاران موهن جو دڙو جي تهذيبي آثارن کي انساني لتاڙ کان روڪڻ لاءِ امڪاني رش سبب موهن جو دڙو جي مکيه گيٽ بند ڪري گيٽ ٻاهران نوٽيس لڳايا ويا، جنهن ڪري عام سياح موهن جو دڙو ميوزيم کنڊرات توڙي باغ باغيچن ۾ جشن آزادي جا پروگرام نه ڪري سگهيا.

ان ڏس ۾ ڏوڪري تعلقي ۽ ٻين علائقن کان آيل اسڪولي ۽ ڪاليجي شاگردن جي جٿن کي موهن جي دڙي جي مکيه دروازي کان واپس ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾ موهن جو دڙو جي انتظاميا طرفان سخت انتظام ڪيا ويا هئا، ماڳ تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ پوليس پاران ماڳ چوڌاري پڪٽون قائم ڪري اهلڪار  عام ماڻهن کي ماڳ اندر داخل ٿيڻ کان  روڪيندا رهيا.

هوڏانهن مختلف اسڪولن کان آيل اسڪولي شاگردن عامر جوڻيجو، محبوب مشوري، صدام ميمڻ، مدني جهتيال ۽ ٻين شاگردن موهن جو دڙو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته 14 آگسٽ پاڪستان جو آزادي جو ڏھاڙو آھي.

هنن چيو ته سنڌ گورنمينٽ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي، جيڪو پاڪستان جي آزادي واري ڏھاڙي تي موهن جو دڙو مڪمل بند ڪري ۽ پوليس مقرر ڪئي آھي، شاگردن چيو ته اسان ڀرپور نموني مزمت ڪيون ٿا ته تاريخي ماڳ موهن جو دڙو بند ڪري سنڌي ماڻھن کي پنهنجي ماڳ کي ڏسڻ جو حق کسيو ٿو وڃي. هنن گهر ڪئي ته 14 آگسٽ تي موهن جو دڙو عام سياحن لاءِ کوليو وڃي ته جيئن سنڌي ماڻھو 14 آگسٽ تي ڀرپور نموني جشن ملهائي سگهن.01