ڪوٽڙي ۾ شهرين پاران حيسڪو جي زيادتين خلاف ڌرڻو

news

ڪوٽڙي:اربع 14 آگسٽ 2019ع: ڪوٽڙي ۾ برسات کانپوءِ بجلي جي ڊگهي بندش خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻا، روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ٽريفڪ معطل. ڪوٽڙي جي بابا صلاح الدين ڪالوني، ڪرسچن ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ گذريل 18 ڪلاڪن کان بجلي جي بندش خلاف سوين رهواسي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، مڇرجي روڊن تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو.

ڌرڻي سبب ڪوٽڙي، ٺٽو، حيدرآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، احتجاج ڪندڙ رهواسين ببلي مسيح، عابد لاشاري  جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن کان بابا صلاح الدين ۽ ڪرسچن ڪالوني سميت مختلف علائقن جي حيسڪو وارن هٿرادو بجلي بند ڪري ڇڏي آھي، بجلي جي بندش ڪري سخت پريشان آھيون، بجلي نه هجڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي بحران شدت اختيار ڪري چڪو آھي.

هنن چيو ته برسات جي ڦڙي پوي ٿي ته حيسڪو وارا بجلي بند ڪريو ڇڏين، اسان ڏچي ۾ اچي ويا آھيون، رات کان بجلي نه هئڻ ڪري گهرن ۾ عورتون، ٻار، ٻچا آرام ڪري ناهن سگهيا، حيسڪو جو ايمرجنسي ڪنٽرول روم تي ڪير به ناهي، حيسڪو وارا من ماني لڳائي شهرين سان بداخلاقي ڪن ٿا، مجبورن ڌرڻو هنيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور بجلي فراهم ڪري جيئڻ ڏنو وڃي.01