امن جي لاءِ به جنگيون وڙهيون پونديون آهن: فواد چوڌري

news

اسلام آباد: اربع 14 آگسٽ 2019: فواد چوڌري چيو آهي ته امن جي لاءِ به جنگيون وڙهيون پونديون آهن. دنيا مودي جي قدمن تي ڀارتي کي ملامت ڪري رهي آهي.

وفاقي وزير فواد چوڌري يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سڀني ڪشميرين جي دل پاڪستان سان گڏ ڌڙڪي رهي آهي. يورپ ۾ يڪجهتي ڪشمير ريليون ڪڍيون پيون وڃن.

ڪوپن هيگن، لنڊن ۽ پئرس ۾ سڀاڻي ريليون ڪڍيون وينديون. پاڪستان کي پنهنجي ترجيحات تي توجهه ڏيڻي پوندي. سڄي قوم کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.