ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم، بربريت ۽ وحشت جون سڀ حدون اورانگهيون آهن: ڊاڪٽر فتح محمد برفت

news

ڄامشورو: اربع 14 آگسٽ 2019ع:سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ملڪ جي 72هين آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.

صبح جو 7 لڳي 40 منٽن تي ڪلام پاڪ جي تلاوت سان جشن تقريبن جي شروعات ڪئي وئي. وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ست لڳي 40 منٽن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو.

ان موقعي تي مختلف فيڪلٽين جا ڊين، سينٽرن/ انسٽيٽيوٽس جا ڊائريڪٽر ۽ تعليمي توڙي انتظامي شعبن جا سربراهه موجود هئا، جڏهن ته استادن، آفيسرن توڙي ملازمن جي وڏي انگ به قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ قومي ترانو هلايو ويو.

اهڙيءَ طرح ست لڳي 45 منٽن تي سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽئگس سان تعلق رکندڙ نوجوانن جنيد ملڪ ۽ سلال مغل ملي نغمو سهڻي ڌرتي الله رکي قدم قدم آباد ڳائي حاضرين ۾ قومي جذبو، ولولو ۽ وطن سان محبت وارو جوش جاڳايو.

قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته پاڪستان سندن فخر، سڃاڻپ، پيار ۽ ڌرتي آهي، جيڪا وڏڙن جي بيشمار قربانين جي نتيجي ۾ 72 سال اڳ وجود ۾ آئي.

هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن وڏڙن پاران آزادي کان اڳ واري ڀوڳيل عذابن جي ياد تازي ڪري ٿو ۽ وڏڙن جي ڪيل جدوجهد جي ياد ڏياري ٿو.

هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم، بربريت ۽ وحشت جون سڀ حدون اورانگهيون آهن ۽ معصوم انسانيت جو رت وهايو آهي، جنهن تي خاموش نٿو ويهي سگهجي.

هن چيو ته ڀارتي فوج معصوم ڪشميرين تي ڪلسٽر بمن سان حملا ڪري ثابت ڪري رهي آهي ته ان ۾ انسانيت نالي ڪجهه به ناهي.

هن چيو ته ڀارتي قدمن سان گڏيل قومن جي ٺهرائن جي واضح ڀڃڪڙي ٿي آهي پر عالمي ضمير اڃا تائين خاموش آهي. ڊاڪٽر برفت چيو ته ڪشميرين لاءِ آزادي جو سج ضرور اڀرندو ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن والاريل ڪشمير پاڪستان جو حصو هوندو.01