مبارڪپور ۾ جشن آزادي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

news

مبارڪپور: اربع 14 آگسٽ 2019ع:مبارڪپور ۾ تنظيم فڪر و نظر پاران جشن آزادي جوش ۽ جذبي  سان ملهائي وئي ۽ ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تفصيل موجب  مبارڪپور ۾ تنظيم فڪرو نظر سنڌ پاران جشن آزاديءَ جي تقريب رکي وئي.

ان  موقعي تي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ اڳواڻن مرڪزي صدر ڊڪٽر صفي الله ڀٽو، جنرل سيڪريٽري عبدالوحد ڀٽو،  ڊي او سيڪنڊري  جيڪب آباد نظام الدين ٻرڙو پروفيسر لياقت علي ڀٽو،  صيف الدين ڀٽو، استاد گل حسن گل ملڪ،  استاد نواب علي مهر،عبدالحليم مهر ۽ ٻين خطاب ڪندي  چيو ته اسان خوش نصيب قوم آهيون، جو اسان کي آزاد ملڪ مليو آهي، آزادي جو قدر ڪشميرين کان پڇو جيڪي آزادي لاءِ روز پنهنجي ٻچن کي ڪهائي رهيا آهن پر پو به انهن آزدي لاءِ همٿ هاري ناهي.

اڳواڻن وچن ڪندي چيو ته اسان ڪشميرين سان هر موڙ تي گڏ آهيون، انهن مٿان جيڪو ظلم ڪيو پيو وڃي، انهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا ۽ گهر ٿا ڪيون ته ڪشميرين مٿان ناحق ظلم بند ڪيو وڃي. آخر ۾ ڪيڪ ڪاٽيو ويو.01