پاڪستاني ڪنهن به صورت ۾ ڪشميري عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندا: پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام

news

ڄامشورو: اربع 14 آگسٽ 2019ع:لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جشن آزادي وارو ڏهاڙو قومي جذبي سان ڀرپور نموني ملهايو ويو. پاڪستان جي 72هين آزادي واري ڏهاڙي تي لمس يونيورسٽي ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ ڪشميري عوام سان ٻڌي جو اظھار ڪرڻ لاءِ تقريب پڻ ڪوٺائي وئي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽوڊنٽس افيئرس طرفان ڪرايل تقريب جو مھمان خاص وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام هو، تقريب ۾ لمس يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن، شاگردن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس طرفان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام جو چوڻ هو ته قوم مڪمل طور تي آزاديءَ وارو ڏهاڙو قومي جذبي سان ملهائي رهي آهي، اهو آزاديءَ وارو ڏهاڙو ڪشميرين سان يڪجهتي طور ملهايو پيو وڃي، اڄوڪي ڏينهن تي قوم پوري جوش ۽ جذبي سان ڪشميري عوام جي حمايت ڪري رهي آهي، پاڪستاني قوم سمجهي ٿي ته ڪشميري عوام مٿان ڀارتي هٿياربند جيڪو والاريل ڪشمير اندر ظلم ڪري رهيا آهن اهو ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي.

پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام وڌيڪ چيو ته پوري دنيا شاهد آهي ته پاڪستاني قوم سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي طور تي ڪشميرين جي حمايت ڪري ٿي ۽ سندن مدد ڪري رهي آهي، اها حمايت ڪشميرين کي حق ۽ خودمختياري ملڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستاني ڪنهن به صورت ۾ ڪشميري عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندا ۽ ڪشميري عوام جي مڪمل طور تي حمايت ۽ مدد ڪندا رهندا.

ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني قوم کي گھرجي ته ذاتي مفادن کان ھٽي ڪري پنھنجين صلاحيتن ۽ فني مھارت سان قوم ۽ ملڪ جي خدمت واري جذبي تحت ڪم ڪري ته جيئن ملڪ ۽ قوم کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن کي منهن ڏئي سگھجي. ھن چيو ته ھن وقت اسان کي پنهنجي وڏڙن جي قربانين، سماجي ۽ ثقافتي روايتن کي زندھ رکڻ لاءِ به ڪوششون ڪرڻ گھرجن.

تقريب کي پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر منير احمد جوڻيجو،  رجسٽرار ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ دايو، ڊپٽي رجسٽرار ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر ڊاڪٽر سڄڻ ھاليپوٽو، ڊاڪٽر آذر اڪبر ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي قومي ڏھاڙي جي خاصيتن، پنھنجن وڏڙن ۽ پنهنجن ھيروز فوجي جوانن جي قربانين تي روشني وڌي. تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي ملي نغما  ۽ ٽيبلوز پيش ڪري ڀرپور داد حاصل ڪيو.01