ڪي اليڪٽرڪ خلاف ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگي جو هڪ ٻيو ڪيس داخل

news

ڪراچي: (خميس 15 آگسٽ 2019ع) ڪراچي ۾ نور جهان ٿاڻي تي ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر(سي اي او) سميت ٻين ذميوارن جي خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ تازو ڪي اليڪٽرڪ جي خلاف داخل ايف آءِ آر جو انگ 5 ٿي ويو آهي.

طلحه احمد 29 جولاءِ تي برسات دوران موٽر سائيڪل تي آفيس کان گهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ شادمان ٽائون ويجهو ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي ٿنڀي  مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پوليس طلحه جي پيءُ نديم احمد جي مدعيت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي ۽ ٻين ذميوارن جي خلاف قلم 322 سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

طلحه احمد جي پيءُ ٻڌايو ته شادمان ٽائون ۾ روڊ ويجهو بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ نڪري رهيو هو جيڪو موت جو سبب بڻيو. طلحه جي پيءُ ٻڌايو ته طلحه احمد چئن پٽن مان سڀني کان وڏو هو ۽ تازو ئي هن سيڪنڊ ايئر جا امتحان ڏيڻ کان پوءِ نجي ٽيڪسٽائيل ڪمپني ۾ نوڪري شروع ڪئي هئي.