نيوزيلينڊ مان ڪروڙين سال پراڻي پينگوئين جو ڍانچو هٿ

news

آڪلينڊ: (خميس 15 آگسٽ 2019ع) نيوزلينڊ جي ڏاکڻي جزيري مان انساني جسم جي برابر پينگوئن جو ڪروڙين سال پراڻو ڍانچو مليو آهي. جنهن جي ڊيگهه هڪ ميٽر 6 انچ ۽ وزن 80 ڪلو گرام آهي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هي ڍانچو جديد دور جي يورپ ۾ ملندڙ پينگوئن کان 4 دفعا وزني ۽ 40 سينٽي ميٽر ڊگهو آهي.

هن پينگوئن جي باقيات 2018 ۾ هڪ ماهر امراضيات هٿ ڪئي هئي جنهن جو تعلق پينگوئين جي ڪراسويليا وائيپارينسز نسل سان آهي.

هي پينگوئين 56 کان 66 ملين سال اڳ نيوزيلينڊ جي سامونڊي ڪناري تي ملندي هئي.