مخدوم الرفيق الزمان پاران اڏيرو لال وليج کي تعلقو بڻائڻ جي حمايت، وزيراعليٰ سنڌ کي ليٽر جاري

news

اڏيرو لال اسٽيشن: خميس 15 آگسٽ 2019ع:اڏيرو لال اسٽيشن جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند نه ٿيو، هتان جي عوام کي اڏيرو لال اسٽيشن کي تعلقي بڻائڻ جي آسري ۾ رکي ڳوٺ اڏيرو لال کي مٽياري ضلعي جو نئون تعلقو بنائڻ لاءِ ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم الرفيق الزمان پاران وزيراعليٰ سنڌ کي ليٽر جاري، وزير اعليٰ سنڌ پاران پڻ ڳوٺ اڏيرو لال کي تعلقي جي حوالي سان سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي به  ليٽر جاري ڪيو ويو آهي.

ايم پي اي مخدوم الرفيق الزمان اڏيرو لال اسٽيشن جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند نه ڪيو آهي، ڳوٺ اڏيرو لال کي مٽياري ضلعي جو نئون تعلقو بنائڻ وارو معاملو تڪراري بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺ اڏيرو لال کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ايم پي اي ڊاڪٽر مخدوم الرفيق الزمان وزيراعليٰ سنڌ کي پنهنجي ليٽر پيڊ تي لکيل هڪ ليٽر جاري ڪندي ڳوٺ اڏيرو لال کي تعلقي بنائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، اڏيرو لال اسٽيشن جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو آهي ۽ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته ڪجهه مهينا اڳ ساڳي مسئلي تي اڏيرو لال اسٽيشن  جي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران مسلسل احتجاج ۽ بک هڙتالون  شروع ڪيون ويون هيون، جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت مجبور ٿي ڳوٺ اڏيرو لال کي تعلقي ٺاهڻ واري مسئلي کان پوئتي هٽي وئي هئي،  جڏهن ته اڳوڻي ڊي سي مٽياري پرويز بلوچ پاران اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ڪيل کليل ڪچهري دوران اعلان ڪيو ويو هو ته سنڌ حڪومت اڏيرولال اسٽيشن کي مٽياري ضلعي جو نئون تعلقو بنائڻ لاءِ پرپوزل ٺاهي وزيراعليٰ کي موڪلي ڇڏيو آهي.

جڏهن ته ايم پي اي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم الرفيق الزمان پاران وزيراعليٰ کي لکيل ليٽر سامهون اچڻ بعد اوڏيرولال اسٽيشن جي شهرين پاران ڳوٺ اڏيرو لال جي مخالفت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڏيرو لال اسٽيشن شهر ڪاروباري لحاظ سان ضلعي مٽياري جي هيڊڪوارٽر جي حيثيت رکي ٿو ۽ اڌ لک آبادي تي مشتمل شهر جيڪو ٽيڪس سميت روينيو ۾ به پهرين نمبر تي ٽائون آهي، پر ان باوجود سياسي ليول تي ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان اڏيرو لال اسٽيشن شهرين کي اکين سرمو پارائي پنهنجي ويجهي دوست ۽ اڳوڻي آئي جي سنڌ سيد مشتاق شاهه کي خوش ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ اوڏيرولال کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سرگرم آهي.

هتان جي سياسي، سماجي ۽ شهرين چيو ته شهر اڏيرو لال اسٽيشن مان سدائين مخدومن کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو ويندو آهي، پر مخدوم رفيق الزمان هتان جي اڌ لک آبادي جي حقن تي ڌاڙو هڻي پنهنجي سياسي ساک کي هميشه لاءِ ختم ڪرائي ڇڏيندو.01