ٽنڊوڄام ۾ انجمن تاجران سنڌ پاران ڀارت جي يوم آزادي تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

news

ٽنڊوڄام:خميس 15 آگسٽ 2019ع: انجمن تاجران سنڌ ٽندوڄام زون  ڀارت جي يوم آزادي تي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪارو ڏينهن ملهايو. ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ريلي، پريس ڪلب آڏو مودي جي پتلي کي باهه.

خبر موجب انجمن تاجران سنڌ ٽنڊوڄام زون پاران دڪاندارن ۽ شهرين  ڀارت جي يوم آزادي تي ڪارو ڏينهن ملهائيندي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي، انجمن تاجران جي پپو راجپوت، سيد حيدرشاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ورڪشاپ اسٽاپ کان ريلي ڪڍي، ٽنڊوڄام پريس ڪلب آڏو مودي جي پتلي کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو.

ان موقعي تي دڪاندار ۽ شهري ڀارت خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪندا رهيا. جڏهن ته اڳواڻن اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ته ڪشميري عوام مٿان ڀارتي ظلم بند ڪرائي ڪشمير کي آزاد ڪيو وڃي.01