پنوعاقل ۾ ڪارنهن تڪرار تان جتوئي برادري ۾ جهيڙو، عورت قتل، ٻه ڄڻا زخمي

news

پنوعاقل: خميس 15 آگسٽ 2019ع:سانگي ٿاڻي جي حد ڳوٺ راڄڙي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان ھلندڙ جھيڙو ڀڙڪي پيو، جنھن سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري مسمات حديثان زال ڪفايت جتوئي گوليون لڳڻ سبب موقعي تي مارجي وئي جڏھن ته عمران ۽ جمشير جتوئي سخت زخمي ٿي پيا.

اطلاع باوجود سانگي پوليس ٻه ڪلاڪ دير سان پھتي، پوليس فوتي عورت جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال نيو ويو.

ھوڏانھن ٻنھي ڌرين ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو ھلندڙ آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي.

رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سانگي مٺل ککراڻي ٻڌايو ته ٻن سالن کان جتوئي برادري جو پاڻ ۾ تڪرار ھلندڙ آھي، جنھن تان واقعو پيش آيو آھي. فريادي ايندا ته ڪيس داخل ڪنداسين. وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.01