ٽنڊومحمدخان ۾ پ پ پاران ڪشميري عوام سان ٿيندڙ ظلم خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

news

ٽنڊومحمدخان:خميس 15 آگسٽ 2019ع: پ پ طرفان ٽنڊومحمدخان ۾ ڪشميري عوام سان  ٿيندڙ ظلم زياديتن خلاف يڪجهتي طور شهر جي اسٽيشن روڊ تي احتجاجي ڪيمئپ ۾ پ پ ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاهه بخاري، ڊاڪٽر مير حسن ملاح، معشوق ڀٽي، پير عاقب سان سرهندي، جمن ڪيهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي ضلعي وائيس چيئرمين شيرامين لاکو، ميونسپل چيئرمين شاهنواز محسن شاهه ڪيئمپ ۾ اچي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام سان ڀارت جي انتهاپسند مودي سرڪار ظلم ۽ زيادتين جي انتها ڪري ڇڏي آهي.

ڪشميري عوام جو سرعام قتل عام ڪيو وڃي پيو، عالمي برادري اڃا تائين خاموش تماشاهي بڻيل آهي، صرف قتل عام جي مذمت ڪئي پر ڀارتي جارحيت جي روڪڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم نه کنيا ويا آهن، جيڪو عمل انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جڪاهي ڇڏيو آهي.

وفاقي حڪومت کي فوري طور ڀارت سان پنهنجا سفارشي تعلقات ختم ڪرڻ گهرجن، پوري قوم ڪشميري عوام سان هر قدم تي گڏ آهي.01