بدين ۾ سترنهن قومپرست ڪارڪن قومي ڌارا ۾ شامل، ڪشميرين جي حمايت

news

بدين:خميس 15 آگسٽ 2019ع:بدين ۾ سنڌ متحده محاذ ضلعي جي صدر سومار ملاح، علي احمد ملاح، سنڌ لبريشن آرمي جي صدر جمن سنڌي پنهنجن ٻين 15 ڪارڪنن حميد ملاح، بچو عمراڻي، لياقت جوکيو، شبير نوحاڻي، اڇو ملاح، عرس ٻگهيو، ميوو سنڌي ۽ ٻين سان گڏجي بدين پريس ڪلب اڳيان پاڪسان ۽ ڪشميري عوام جي حمايت ۾ ڀارت خلاف نعريبازي ڪرڻ بعد بدين پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجهه مفاد پرست ۽ موقعي پرست ليڊرن، ملڪ ۽ قوم جي دشمنن جي ڀڙڪائڻ تي هو غلط رستي تي هليا ويا هئا.

هنن چيو ته انهن نام نهاد قوم پرستن پنهنجي مفادن لاءِ  قومي تحريڪ جي آڙ ۾ سنڌ جي نوجوانن کي سي پيڪ منصوبي خلاف استعمال ڪيو، اهي نام نهاد قوم پرست سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ عدم تشدد واري پاليسي جي ابتڙ نوجوانن کي ملڪ ۽ قوم خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

پاڻ پاڪستان مخالف ملڪن جي ايجنسين جي خرچ تي پاڪستان مخالف قوم پرست تحريڪ جي نالي تي ڀارت ۽ يورپي ملڪن ۾ عياشي واري زندگي گهاري رهيا،  جنهن سبب اسان انهن نام نهادن ڪوڙن غير ملڪي ايجٽن نام نهاد قوم پرست اڳواڻن ۽ سندن پارٽي کان هميشه لاءِ ڌار ٿي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته پاڪستان اسان جو وطن آهي، ان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ هن ملڪ جي هر نوجوان جو فرض آهي.01